مورو: اسڪول عمارت زبون هجڻ جو ڊي سي نوٽيس ورتو

مورو (ويب ڊيسڪ) موري جي ڳوٺ ٽپال چانڊيو ۾ اسڪول جي عمارت زبون هجڻ واري خبر شايع ٿيڻ کانپوءِ ڊي سي نوشهرو فيروز نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

ڊي سي پاران اسسٽنٽ ڪمشنر مورو کي دورو ڪري رپروٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

اهڙي حڪم بعد اسسٽنٽ ڪمشنر مورو اسڪول جو دورو ڪيو ۽ چيو ته استاد ساراهه لائق آهن جيڪي سياري ۾ هن جهوپڙي جو اسڪول ٺاهي ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آهن.

اسسٽنٽ ڪمشنر حاضري رجسٽر تي نوٽ به لڳايو.

هن چيو ته اسڪول جي عمارت ۽ واش روم نه هجڻ سبب استادن ۽ شاگردن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪوشش ڪنداسين ته کين خيما ڏئي محفوظ بڻايون ۽ سفارش ڪئي ويندي ته کين عمارت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.