مس يونيورس جا مقابلا جاري، پاڪستاني سونهن راڻي به شريڪ

خوبصورتي جو عالمي مقابلو وچ آمريڪي ملڪ ايل سلواڊور ۾ جاري آهي.

72هين مس يونيورس مقابلي ۾ سڄي دنيا مان 90 عورتون حصو وٺي رهيون آهن.

هر سال عورتون پنهنجي خوبصورتي، ذهانت، پيشه ورانه زندگي، سماجي ڪم جي بنياد تي هن مقابلي ۾ حصو وٺنديون آهن.

هن سال پاڪستان جي 24 سالن جي ماڊل ايريڪا رابن به شرڪت ڪئي آهي.

گذريل سال مس يونيورس جو تاج آمريڪي حسينه آر بوني گبريل کي ڏنو هو.

ڀارت ٽي ڀيرا هي اعزاز کٽي چڪو آهي، جنهن ۾ سشميتا سين 1994ع ۾، لارا دتا 2000ع ۾ ۽ هرناز ڪور سنڌو 2021ع ۾ مس يونيورس بڻجي چڪي آهي.

هن سال جي مس يونيورس جو اعلان 19 نومبر تي ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.