”فوج کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي تباهي جو ذميوار رڳو عمران خان ناهي“

پشاور ( ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ڪلمي جي نالي تي حاصل ڪيو پر اسان نظرياستي وطن جو حق ادا نه ڪيو، اسان کي پراڻي لڪيرن کي مٽائي نئين مستقبل لاءِ رستو ٺاهڻو پوندو.

پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبي ۾ اڳتي جي يو آءِ اڪثريت حاصل ڪندي، اڄوڪي جلسي مان ثابت ٿيو ته ايندڙ حڪومت اسان جي آهي.

هن چيو ته پاڪستان لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون هاڻ اسان کي  وطن ۾ انقلاب جي نئين واٽ ڳولڻي پوندي، اسان کي عالمي سازشن جو ڄمي مقابلو ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته اڄ اسان جي فوج کي بليڪ ميل ڪيو پيووڃي، پاڪستان کي معاشي بحران جو شڪار ڪرڻ حادثو ناهي ايڏي معاشي تباهي حادثاتي طور تي ناهي ٿيندي، ان پٺيان ڪشمير ورهائڻ ۽ اسرائيل کي قبول ڪرڻ جو منصوبو هو.

فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي موجودا صورتحال جو ذميوار رڳو عمران خان نه پر پراجيڪٽ متعارف ڪرائڻ وارا قمر باجوا ۽ فيض حميد به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.