ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ڳائڻي شاهده مني جو چوڻ آهي ته عورتون 30 سالن ۾ ايندي ئي جوان ٿينديون آهن، 40 بعد وڌيڪ جوان ۽ 50 ۾ اڃا وڌيڪ جوان ٿي وينديون آهن.
پاڪستاني ڳائڻي شاهده مني هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي عمر جو انڪشاف ڪري سوشل ميڊيا تي ٽرولرز جي توپن جو رخ پاڻ ڏانهن ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ڪلپ ۾ هو نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڏسي سگهجي ٿي.
انٽرويو ۾ هو چوي ٿي ته عورتون 30 کان 50 سالن تائين وڌيڪ جوان ٿي وينديون آهن، خوبصورتي عمر سان وڌندي ويندي آهي.
سندس انڪشاف بعد سوشل ميڊيا تي واهپيدارن پاران مزاحيه تبصرا ڪيا پيا وڃن، هڪ نوجوان شخص لکيو ته هاڻي مان جلد 40 سالن جو ٿيڻ وارو آهيان.
هڪ واهپيدار لکيو ته شاهده مني 95 سالن جي ٿيندي ته ميڪ اپ جي ڪري جوان نظر ايندي.