چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي:ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ناصر شاهه اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجين ڪوتاهين تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو ته چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي پر ان لاءِ اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي سياسي جي طرز تبديل ڪري ۽ پنهنجين ڪوتاهين تي ڌيان ڏئي.
ناصر شاهه مطالبو ڪيو ته 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب فيصلو ٿيڻ گھرجي.
هن اهو به چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي پي ٽي آءِ جا ووٽ ورهائي سگھي ٿي، استحڪام پاڪستان پارٽي جو اڃا ڪو به مستقبل نظر نه پيو اچي، چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ چيئرمين چونڊن ۾ حصو وٺي.
پ پ اڳواڻ چيو ته پ پ سدائين بزنس ڪميونٽي جو ساٿ ڏنو ۽ بزنس ڪميونٽي به ڏئي، پ پ ڀتو ناهي گھرندي نه ئي پرچي جي سياست ڪندي آهي، چئني صوبن ۾ پ پ جي پوزيشن سٺي آهي، قومي اسيمبلي جي سڀ کان وڏي جماعت پ پ هوندي.
سندس چوڻ هو ته غيرقانوني پرڏيهي کي عزت سان واپس موڪليو وڃي، سڄي دنيا ۾ گرين پاسپورٽ افغانين جي ڪري بدنام ٿيو، اڄ به 10 هزار جي ويجهو ماڻهو روز پاڪستان اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.