يوٽيوب انتظاميا جديد ٽيڪنالوجي جي غلط استعمال سان ٺهندڙ وڊيوز خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.
انتظاميا چيو آهي ته يوٽيوب تي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) سان وڊيوز ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يوٽيوب تي جلد واهپيدار کي اها درخواست ڪندو ته هٿرادو ذهانت ذريعي ٺاهيل وڊيوز کي پليٽ فارم تان هٽايو وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هٿرادو ذهانت ذريعي تيل ڪيل وڊيو مواد بابت قانون ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ لاڳو ٿيندا ڇو جو ٽيڪنالوجي جي غلط استعمال سان دوکو، غلط ڄاڻ يا فحشنگاري ۾ ماڻهن جي جعلي تصويرن جو خدشو وڌندو پيو وڃي.
ان حوالي سان يوٽيوب جي پروجيڪٽ مئنيجمينٽ جي وائس صدر ايميلي موڪسلي ۽ جينيفر فلنري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان اي آءِ ۽ ٻين هٿرادو يا ڦير ڦار ذريعي ٺاهيل مواد هٽائڻ جي درخواست ممڪن بڻائينداسين.
You might also like