ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ، شاهين شاهه آفريدي جي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان طور مقرري تي پنهنجي ردعمل ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل تي گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته قسم کڻي چوان ٿو ته ڪڏهن به شاهين کي ڪپتان بڻائڻ لاءِ سپورٽ ۽ لابنگ نه ڪئي،مون بابر اعظم کي ڪپتان برقرار رکڻ جو مشورو ڏنو هو.
هن چيوته ماڻهو مون تي لابنگ جو الزام ۾مڙهيو جنهن تي حيرت ۽ افسوس ٿيو، اهڙين شين ۾ نه ملوث آهيان نه ائين ڪرڻ جي ضرورت آهي، اِهو سڀ ڪرڻو هجي ها ته ڪڏهن به پي سي بي چيئرمين خلاف آواز نه اُٿاريان ها.
شاهد آفريدي چيو ته وائٽ بال ۾ سدائين محمد رضوان کي ڪپتان بڻائڻ جي حق ۾ رهيو آهيان ڇو ته هو ڇوڪرن کي گڏ کڻي هلڻ ڄاڻي ٿو، مان شاهين کي ڪپتاني کان پري رکڻ پئي چاهيو.
ياد رهي ته بابر اعظم گذريل ڏينهن ٽنهي فارميٽ جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ پي سي بي ٽي ٽوئنٽي لاءِ شاهين ۽ ٽيسٽ لاءِ شان مسعود کي ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.