سعودي وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل پاڪستانين کي وڏو ڌڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي اي ويزا فيسلٽي جي ٻئي مرحلي جو انتظار ڪيو پئي ويو جڏهن ته گذريل ڏينهن ان فيسلٽي جو اعلان ٿيو ته پاڪستانين کي اتساهه ملڻ بدران اها آس ئي اجهامي وئي، ڇو ته سعودي حڪومت طرفان اي ويزا جي اهل 63 ملڪن ۾ پاڪستان کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو.

سعودي عرب طرفان هن فيسلٽي کي وزتنگ انويسٽر جو نالو ڏنو ويو آهي جن 63 ملڪن کي ان فيسلٽي جو حصو بڻايو ويو آهي انهن جا شهري اليڪٽرانڪ ويزا ذريعي سعودي عرب جو سفر ڪري سگهن ٿا.

پاڪستان سعودي لاڳاپا ظاهري طور مضبوط هجڻ جي باوجود پاڪستان ان لسٽ ۾ شامل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.