پي سي بي چيئرمين ڀارت پهچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪاءَ اشرف ۽ چيف ايگزيڪٽيو آفيسر سلمان نصير آءِ سي سي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت پهچي ويا.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بورڊ اجلاس 18 نومبر تي ڀارت ۾ ٿيندو.

ذڪاءَ اشرف ۽ سلمان نصير آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ احمد آباد ۾ 19 نومبر تي شيڊيولڊ ورلڊ ڪپ فائنل پڻ ڏسندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.