پي ٽي آءِ عام چونڊون عدليا جي نگراني ۾ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊون عدليا جي نگراني ۾ ڪرائڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ طرفان درخواست ترجمان معظم بٽ ايڊووڪيٽ داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آرٽيڪل 218 ٿري تحت صاف شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊيون ڪرائڻ لازمي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪي پي جي گورنر ۽ نگران صوبائي حڪومت جي آئيني حيثيت پڻ تڪراري ٿي وئي جڏهن ته تحريڪ انصاف کي صوبي ۾ سياست جا هڪ جيترا موقعا نه پيا ڏنا وڃن.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي صوبي ۾ جلسا ۽ ڪنوشن ڪرڻ جي به اجازت ناهي ۽ پارٽي جي مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي قيادت گرفتاريا ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نگران حڪومت غير جانبدار ناهي رهي پر پي ٽي آءِ مخالف آهي، موجودا گورنر جي موجودگي ۾ شفاف چونڊن جو امڪان ناهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به چونڊن جي اعلان ۾ غيرآئيني دير ڪئي.
درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته گورنر کي شفاف اليڪشن ڪرائڻ واري عمل ۾ مداخلت کان روڪيو وڃي، صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون جڊيشل آفيسرن جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت، گورنر ڪي پي، اليڪشن ڪميشن، خيبريونين آف جرنلسٽس ۽ پشاور پريس ڪلب کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.