”فيض آباد ڌرڻي جي ذميوارن جو احتساب نه ٿيڻ سبب 9 مئي وارو سانحو ڏسڻو پيو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ پندرنهن نومبر واري عدالتي ڪارروائي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو 6 فيبروري 2019ع تي ڏنو، جنهن ۾ ماضيءَ جي پرتشدد واقعن جي حوالو ڏئي مستقبل لاءِ وارننگ ڏني وئي هئي، پر اٽڪل پنج سال گذرڻ باوجود حڪومتن عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪيو.

حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون داخل ٿيون جيڪي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويون جنهن سبب عدالتي فيصلي تي عملدرآمد نه ٿيو.

سپريم ڪورٽ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکي نه ڪنهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو نه ئي تشدد احتجاج تي احتساب ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ قوم کي نوَ مئي وارا واقعا ڏسڻا پيا.

سپريم ڪورٽ حڪمنامي موجب، شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته نظرثاني درخواست واپس وٺڻ چاهيان ٿو، عدالت هر هر پڇيو ته دارخواست داخل ڇو ڪئي، شيخ رشيد جي وڪيل جواب ڏنو غلط فهمي سبب درخواست داخل ڪئي.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته تعجب آهي ته اهڙو سياستدان جيڪو ڊگهي عرصي تائين پارليامينٽ ميمر ۽ وفاقي وزير جهڙي اعليٰ منصب تي رهيو ان کي غلط فهمي ٿي وئي، جنهن سب نظرثاني درخواست داخل ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا شيخ رشيد نظرثاني درخواست ڪنهن جي چوڻ تي داخل ڪئي؟ جواب ورجايو ويو ته نظرثاني درخواست غلط فهمي جي بنياد تي داخل ڪئي.

عدالتي حڪمنامي ۾ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي ته جنهن موجب 25 اپريل 2019ع تي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي درخواستون ڪاز لسٽ مان ڪڍيون ويون.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي لاڳاپيل عدالتي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ويو، ايڊيشنل رجسٽرار فيڪچر ۽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل پنهنجي، پنهنجي رپورٽ ڏني، جنهن موجب، 25 اپريل 2019ع تي نظرثاني درخواستون فائنل ڪاز لسٽ جي ڊرافٽ ۾ منجهند هڪ لڳي ٻارنهن منٽن تي شامل ٿيون، ساڳي ئي ڏينهن رڳو پنج ڪلاڪن کانپوءِ تڏوهڪي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي شام پنج لڳي ڇهن منٽن تي اِهي درخواستون فائنل ڪاز لسٽ مان ڪڍيو ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.