فيض آباد ڌرڻو ڪيس، ٽن اڳوڻن چيف جسٽس نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي نه ڪيون!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل حڪمنامي ۾  نئون انڪشاف سامهون آيو آهي ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس بابت نظرثاني جون درخواستون ماضيءَ جي ٽن چيف جسٽس ٻڌڻي لاءِ مقرر ئي نه ڪيون.

عدالت طرفان لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي موجب، فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون داخل ته ٿيون پر اِهي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيو.

حڪنامي ۾ لکيو ويو آهي ته عدالتي عملي موجب، نظرثاني درخواستون وقت به وقت مختلف چيف جسٽس جي آڏو رکيون وينديون هيون، ماضيءَ جي ٽن معزز چيف جسٽس نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪا به هدايت نه ڏني.

 25 اپريل 2019ع تي اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي درخواستون ڪاز لسٽ مان ڪڍيون ويون.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي لاڳاپيل عدالتي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ويو، ايڊيشنل رجسٽرار فيڪچر ۽ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل پنهنجي، پنهنجي رپورٽ ڏني، جنهن موجب، 25 اپريل 2019ع تي نظرثاني درخواستون فائنل ڪاز لسٽ جي ڊرافٽ ۾ منجهند هڪ لڳي ٻارنهن منٽن تي شامل ٿيون، ساڳي ئي ڏينهن رڳو پنج ڪلاڪن کانپوءِ تڏوهڪي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي هدايت تي شام پنج لڳي ڇهن منٽن تي اِهي درخواستون فائنل ڪاز لسٽ مان ڪڍيو ويون.

سپريم ڪورٽ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کي نظر ۾ رکي نه ڪنهن کي ذميوار قرار ڏنو ويو نه ئي تشدد احتجاج تي احتساب ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ قوم کي نوَ مئي وارا واقعا ڏسڻا پيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.