وهاب رياض کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر بڻائڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي وهاب رياض کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر جو عهدو سنڀالڻ لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، وهاب رياض چيف سليڪٽر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ به نگران ڪابينا جو حصو رهندو، وهاب رياض عالمي ڪرڪيٽ تان پهريان ئي رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جلد وهاب رياض کي چيف سليڪٽر بڻائڻ جو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويندو .
ٻئي پاسي نويد اڪرم چيما کي پاڪستان ٽيم جو مئنيجر بڻائڻ جو امڪان آهي.
نويد اڪرم چيما ماضي ۾ به ٽيم جو مئنيجر رهي چڪو آهي، ان کانسواءِ ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ محمد حفيظ ڪوچنگ اسٽاف لاءِ مُلڪي ڪرڪيٽرز سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرز لاءِ به مشاورت جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.