گوجرانوالا جي رفعت عارف ٽيچر جو عالمي ايوارڊ کٽي ورتو

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجدرانوالا جي رفعت عارف گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم يونيسڪو جو ساليانو عالمي ٽيچر ايوارڊ کٽي ورتو.
پيرس ۾ رٿيل تقريب ۾ رفعت عارف کي پاڪستان ۾ تعليم جي هٿي لاءِ سندس خدمتن تي عالمي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
شاگردن ۾ سسٽر زيف جي نالي سان مشهور رفعت عارف پاڪستان ۾ غريب ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ Zephaniah Education and Empowerment Foundation قائم ڪئي.
سسٽر زيف پاڪستان ۾ ٻارڙين ۽ عورتن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن ۽ ظلمن بابت آگاهي مهم هلائي، تعليم جي شعبي ۾ سندس خدمتن لاءِ پاڪستان به کيس ڪيترائي ايوارڊ ڏنا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.