ڪراچي: نوڪرين جي جعلي آرڊرن ذريعي شهرين کي ٺڳيندڙ ٽولي جو سربراهه گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي صدر ٿاڻي جي پوليس جيانٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي پئسن عيوض شهرين کي نوڪرين جا جعلي آرڊر جاري ڪندڙ ٽولي جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊسٽرڪٽ سائوٿ پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جناح اسپتال ۾ سرڪاري ملازم طور ڪم ڪندڙ آهي، جڏهن ته جوابدار جي سڃاڻپ سليم دل حسين پٽ فدا حسين طور ٿي آهي.
ترجمان چيو ته جوابدار موجب هو ۽ سندس ٻيا ساٿي بيروزگار شهرين کي جعلي نوڪرين جا آرڊر ڏئي انهن کان پئسا وٺندا هئا، جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي هن وقت تائين ڪيترن ئي شهرين کي پنهنجي جعلسازي سان نشانو بڻائي چڪو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان جعلي مقرري ليٽر به هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.