ڪنوار شادي ۾ ايندڙ مهمان عورتن لاءِ انوکو شرط رکي ڇڏيو!

جڏهن به ڪنهن شادي جو دعوت نامو ايندو آهي ته سڀني جي خواهش هوندي آهي ته اهو تقريب ۾ ڪجهه مختلف ۽ منفرد نظر اچي ۽ جڏهن ڪنوار ئي انوکو شرط رکي ته وڌيڪ مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي.
سعودي عرب ۾ اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڏاڍي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪنوار شادي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ عورتن سان انوکو شرط رکيو.
ڪنوار مهمان عورتن نالي پيغام ۾ درخواست ڪئي ته ”مان چاهيان ٿي منهنجي شادي جي موقعي تي ڪا به عورت اڇو وڳو پائي نه اچي“.
ڪنوار موجب ”اڇو وڳو رڳو منهنجو هوندو، مان نٿي چاهيان ته ڪا ٻي عورت ان موقعي تي اڇي رنگ جي وڳي ۾ نظر اچي.
اها وڊيو سوشل ميڊيا تي اچڻ تي کانپوءِ ڪيترائي واهپيدار ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
هڪ واهپيدار لکيو ”لڳي ٿو ته ڪنوار کي پاڻ تي اعتماد ناهي، جيڪڏهن پاڻ تي اعتماد هجيس ها ته ائين نه ڪري ها“.
هڪ واهپيدار وري عورت جي حمايت ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي جاءِ تي درست آهي، ان جو حق آهي ته هوءَ شادي جي موقعي تي سڀني کان منفرد نظر اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.