اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ٽي رڪني انڪوائري ڪميشن قائم ڇڏي .
فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت پاران رٽائرڊ آءِ جي اختر علي شاهه جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙي وئي آهي.
ٽي رڪني ڪميشن ۾ اڳوڻو آءِ جي طاهر عالم ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري خوشحال خان به شامل آهي.
انڪوائري ڪميشن ٻن مهينن اندر پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي، ڪميشن ٽي ايل پي جي غيرقانوني امداد ڪرڻ وارن جي جاچ ڪندي، انکانسواءِ فيض آباد ڌرڻي جي حق ۾ بيان ۽ فتويٰ ڏيڻ وارن خلاف ايڪشن جي تجويز ڪندي.
نوٽيفڪيشن موجب، انڪوائري ڪميشن تعين ڪندي ته ڪنهن پبلڪ آفيس هولڊر قانون جي ڀڃڪڙي ته ناهي ڪئي، انڪوائري ڪميشن فيض آباد ڌرني جي ذميوارن خلاف ايڪشن تجويز ڪندي.
ان کانسواءِ انڪوائري ڪميشن پيمرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن ڪيبل آپريٽرز ۽ براڊ ڪاسٽرز خلاف جاچ ڪندي، ڪميشن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت ۽ تشدد پکيڙڻ جي جاچ ۽ ان کان بچاءَ جون تجويزون ڏيندي.
سرڪاري پڌرائي موجب، ڪميشن تعين ڪندو ته ڳجهي ايجنسين، سرڪاري ملازم يا شخصيتون فيض آباد ڌرڻي ۾ ملوث آهن، ڪميشن پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڌرڻن، ريلين، احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏيندي.
ياد رهي ته ان کان اڳ وفاقي سرڪار فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي هئي پر سُپريم ڪورٽ حڪومت فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو هو.