ڊالر جي اگهه ۾ مسلسل چاڙهه، رپيو قدر وڃائڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه اڄ به وڌي ويو.
نگران حڪومت جي قدمن باوجود ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي ۽ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ڊالر مهانگو ٿيو.
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 27 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 288 رپين 14 پئسن تي بند ٿيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 289 رپين 50 پئسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.