ڇا ڀارتي ٽيم ناڪ آئوٽ مئچن ۾ شڪستن جي روايت ٽوڙيندي؟

ورلڊ ڪپ 2023ع جي پهرين سيمي فائنل ۾ سڀاڻي ميزبان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون، جتي ڀارتي ٽيم جون نظرون هڪ ڏهاڪي کان ناڪ آئوٽ مقابلن ۾ ناڪامي واري روايت ٽوڙيندي فائنل تائين رسائي تي کتل هونديون.

ڀارتي ٽيم گذريل ڏهن ورهين دوران آءِ سي سي مقابلن ۾ بهترين راند پيش ڪئي آهي پر سيمي فائنل فائنل يا ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پنهنجي اعصابن تي ظابطو ناهي رکي سگهندي ۽ مسلسل بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري ٽيم هڪ ميچ ۾ شڪست کائي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويندي آهي.

ڀارت آخري ڀيرو آءِ سي سي ايونٽ 2013ع ۾ کٽيو هيو جڏهن مهيندر سنگهه ڌوني جي قيادت هيٺ ڀارت انگلينڊ کي فائنل ۾ شڪست ڏئي چيمپيئنز ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.

ان کانپوءِ ڀارتي ٽيم آءِ سي سي مقابلن ۾ بهترين راند جومظاهروڪندي ناڪ آئوٽ مقابلن ۾ پهتي پر ڪنهن به موقعي تي ٽائٽل پنهنجي نالي نه ڪري سگهي.

2015 واري ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا ان وقت جي دفاعي چيمپئن ٽيم جا خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا جڏهن ته 2016 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز سيمي فائنل ۾ ڀارت جو سفر تمام ڪري ڇڏيو.

2017 جي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم پوري ايونٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهي پر فائنل ۾ روايتي مخالف پاڪستان هٿان 180 رنسن تان مات کائي چيمپيئنز ٽرافي جي ٽائٽل کان محروم ٿي وئي.

2019 واري ورلڊ ڪپ ۾ به ڀارت کي رائونڊ ميچن ۾ صرف انگلينڊ هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ هو سيمي فائنل ۾ پهچن ۾ ڪامياب رهي هئي پر ورلڊ ڪپ لاءِ فيورٽ سمجهي ويندڙ ٽيم کي نيوزيلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ مات ڏئي ٽائٽل جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو.

ان کانپوءِ 2021 وارو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ڀارتي ٽيم لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو جتي هو پهرين ئي رائونڊ ۾ ٻاهر ٿي وئي هئي جڏهن ته 2022 ۾ آسٽريليا ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ به ڀارت جي ٽيم سيمي فائنل ۾ پهتي جتي ان انگلش ٽيم هٿان ڏهه وڪيٽن تان عبرتانڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .

صرف محدود اوورن جي ڪرڪيٽ نه پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ به بهترين راند باوجود ٽائٽل ڀارتي ٽيم جي پهچ کان پري رهيو.

آءِ سي سي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ معارف ڪرائي  ته  ڀارت 2019 ۽ 2021ع تائين کيڏيل چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي پر فائنل ۾ هڪ ڀيرو وري نيوزيلينڊ جي بهترين بالنگ ڀارتي بيٽرن جو حوصلا خطا ڪري ڇڏيو ۽ نيوزيلينڊ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

2021 کان 2023ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ به ڀارتي ٽيم پهچڻ ۾ ڪامياب رهي پر هن ڀيري آسٽريليا، ڀارتي ٽيم کي 209 رنسن تان مات ڏني.

ڀارت لڳاتار ٻيو ڀيرو فائنل ۾ پهچڻ باوجود به ٽيسٽ چيمپيئن شپ نه کٽي سگهي هئي.

هاڻي ڀارتي ٽيم پنهنجي سرزمين تي کيڏيل ٽورنامينٽ ۾ هنيئر تائين ناقابلِ شڪست آهي ۽ لڳاتار نوَ ميچون کٽي پوائنٽس ٽيبل تي سرِفهرست آهي، ڀارتي سورمن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي سموري مخالف ٽيمن کي آئوٽ ڪلاس ڪيو آهي.

هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته ڀارتي ٽيم ايندڙ ٻن ميچن ۾ ناڪ آئوٽ مرحلن ۾ شڪست جي جن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا هن ڀيري به وري ناڪامي جو ئي منهن ڏسڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.