اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن ۾ وياج جي شرح بابت اهم فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب ڳالهين دوران نگران حڪومت وياج جي شرح نه وڌائڻ تي آءِ ايم ايف کي راضي ڪري ورتو، غريب طبقن لاءِ سبسڊيز جاري رکيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي وڌندڙ شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا.
آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته نگران حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وفاق، صوبائي حڪومتن کي گڏيل ڪوششن جو پلان ڏنو آهي، مهانگائي گهٽائڻ لاءِ پرائس مانيٽرنگ ڪميٽيون وڌيڪ فعال بڻايون وينديون.
عالمي مالياتي اداري کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مهانگائي وڌڻ جي شرح ڪنٽرول ڪري وياج جي شرح تي ضابطو آندو ويندو، ان کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ طرفان مانيٽري پاليسي ڪميٽي کي ڪم ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like