ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل سڀاڻي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل سڀاڻي ميزبان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏيو ويندو.

ممبئي جي وانکيڙي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيولڊ پهريون سيمي فائنل پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي شروع ٿيندو.

اهم مقابلي کان اڳ ٻنهي ٽيمن ڀرپور پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پاران ڪاميابي جو عزم ورجايو ويو.

ميگا ايونٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهندڙ ڀارت آخري ڀيرو ٻه هزار يارنهن ۾ ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، ان کانپوءِ 2015ع ۽ 2019ع ۾ ڀارتي ٽيم جو سفر سيمي فائنل تائين پهتو جتي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمون سوڀاريون رهيون.

2019 واري ورلڊ ڪپ جي رنر اَپ نيوزيلينڊ ٻه هزار ست کانپوءِ لڳاتار پنجون ڀيرو ناڪ آئوٽ اسٽيج لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، ڪيوي ٽيم 2007، 2011، ۾ سيمي فائنل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جڏهن ته 2015 ۽ 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ رنر اَپ رهي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.