”ٿر ۾ 22 ارب جا آر او پلانٽ ته خراب آهن!“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان صحافي ٿر ۾ آر او پلانٽس جي خرابي بابت سوال ڪري ورتو.

صحافي ٿر جي دوري جي موقعي تي 22 ارب رپين جا آر او پلانٽس خراب هجڻ بابت سوال ڪيو.

صحافي کي جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان مون کان سوال ڪريو، سياسي راءِ نه ڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي اچڻ بعد جيڪي تبديليون ٿيون آهن ان جي ڪي ڪجهه شيون دير جو شڪار آهن.

هن اهو به چيو ته وفاق کان فنڊز رليز نه ٿيڻ سبب آر او پلانٽس کي نجي ڪمپني کي نه ڏئي سگهياسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.