ورلڊ ڪپ سيمي فائنلز ٽڪٽس بيلڪ ۾ وڪرو، قيمت اڍائي لکن تائين پهچي وئي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين سيمي فائنل کان اڳ ٽڪيٽن جي بليڪ ۾ وڪرو ۾ ملوث ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ اربع جي ڏينهن شيڊيولڊ پهرين سيمي فائنل کان اڳ پوليس ڪارروائي ڪندي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ مقابلي جون ٽيڪٽون بليڪ تي وڪرو ڪندڙ آڪاش ڪوٺاري نالي همراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ڪوٺاريءَ کي ملاڊ واري علائقي ۾ قائم سندس رهائشگاهه مان گرفتار ڪيو، جوابدار واٽس ايپ گروپن ۾ ٽڪيٽون پنجويهه هزار کان اڍائي لک رُپين تائين بليڪ ۾ وڪرو ڪري رهيو هيو.

جوابدارن خلاف تعزيراتِ هند جي قلم 420 ۽ 511 تحت دوکيبازي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.