شادي رات گهوٽ کي قتل ڪندڙ سندس ئي ڪنوار نڪتي

پشاور (ويب ڊيسڪ) فقير آباد ۾ گهوٽ جي قتل جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي ۽ واردات جي ماسٽر مائينڊ ڪنوار ۽ سندس ساٿي نڪتا جيڪي گرفتار ٿي ويا آهن.

پشاور پوليس فقير آباد ۾ اهم ڪارروائي ڪندي چارسده روڊ تي گهوٽ عدنان جي قتل جو پتو لڳائي ورتو آهي ۽ قتل ۾ ملوث ڪنوار ۽ سندس ساٿي به گرفتار ڪيا ويا آهن.

ايس ايس پي موجب 12 نومبر تي هٿياربندن ڄڃ تي فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ سوار گهوٽ ۽ ڪنوار مان رڳو گهوٽ مارجي ويوهو.

جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته ان واردات ۾ ڪنوار ۽ سندس ساٿي جلال ملوث هئا.

ڪنوار جو جوابدار جلال سان واسطو هوندو هو ۽ شادي ڪرڻ چاهيندا هئا پر گهر وارا ان جي خلاف هئا جنهن تي ٻنهي گهوٽ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ جوابدار ڄڃ دوران عدنان کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس ڪنوار ۽ ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.