القسام بريگيڊز جنگبندي عيوض يرغمال عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار

والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊز اسرائيل سان پنج ڏينهن جي جنگبندي عيوض ستر يرغمال عورتن ۽ ٻارن جي آزادي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب، القسام بريگيڊز جي ترجمان ابو عبيدا آڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته ٽياڪڙي جي خواهشمند قطري اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اسرائيل سان پنج ڏينهن جي جنگبندي بدلي غزا ۾ قيد ستر عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ابو عبيدا جو چوڻ هو ته قطري اختيارين ٻڌايو ته پنج ڏينهن دوران مڪمل جنگبندي ۽ هر انساني امداد جي اجازت هئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.