محمد عامر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ٽي نالا پيش ڪري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر گرين شرٽس جي ڪپتاني لاءِ ٽي نالا پيش ڪري ڇڏيا.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي محمد عامر ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ ٽيم جي ڪپتاني لاءِ ڌار ڌار نالا پيش ڪيا آهن.
محمد عامر چيو ته آل رائونڊر عماد وسيم ٽي ٽوئنٽي ڪپتان لاءِ صحيح اميدوار آهي، جڏهن ته ون ڊي لاءِ جيڪڏهن اوهان ڪپتان مٽائڻ چاهيو ٿا ته شان مسعود هڪ سٺو آپشن هوندو.
محمد عامر ٽيسٽ فارميٽ لاءِ تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد کي ٽيم جي قيادت ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي ٽيسٽ جي ڪپتاني لاءِ تيار ڪرڻ چاهيو ٿا ته سرفراز وٽ ڪرڪيٽ ۾ اڃا ٻه سال باقي آهن انڪري کيس ڪپتان بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪنهن نوجوان کي سندس نائب مقرر ڪريو ته جيئن هو سندس تجريبي مان سکي سگهي.
ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي ڪپتان بابر اعظم قيادت ڇڏڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن لاءِ هن رميز راجا سميت پنهنجي ويجهن ساٿين سان مشاورت پڻ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.