جوابدار جي دليري، سوشل ميڊيا تي اعلان ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيائين

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) همراهه سوشل ميڊيا تي اعلان ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، 5 ڄڻن جي قتل سان علائقي ۾ دهشت پکڙجي وئي، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي ضلعي سرگوڌا ۾ قاتل وڏي دليري سان سوشل ميڊيا تي قتل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان تي عمل به ڪيو.
جوابدار سوشل ميڊيا تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ پوليس غفلت جي ننڊ ستل رهي، افسوسناڪ واقعو ڇنڇر ڏينهن ڪوٽ مومن ۾ پيش آيو.
جوابدار احمد شير خانداني تڪرار تي پنهنجي ماسي، ماسات، ان جي زال ۽ هڪ ٻئي شخص کي قتل ڪيو، پوليس واقعي کانپوءِ جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ هن اڄ وري پنهنجي سئوٽ کي فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو.
5 ڄڻن جي قتل سان علائقي ۾ خوف هراس ڇانئجي ويو، پوليس اختياريون به جاڳي پيون ۽ واقعي جو نوٽيس ورتو، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.