اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جاري، شهيدن جو انگ 11 هزار 240 کان وڌي ويو

غزا( ويب ڊيسڪ ) غزا ۾ مسلسل 38 هين ڏينهن به اسرائيلي جهازن جي بمباري جاري آهي، ست آڪٽوبر کان هينئر تائين شهيد فلسطينن جو انگ يارنهن هزار 240 کان وڌي ويو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، غزا ۾ اسرائيلي فوج طرفان فلسطينن جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ چار هزار ڇهه سئو ٽيهه ٻار، ٽي هزار هڪ سئو ٽيهه عورتن سميت يارنهن هزار ٻه سئو چاليهه معصوم فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته غزا ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هنيئر تائين طبي عملي جا 189 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.
ان کانسواءِ اسرائيلي بمباري سبب 41 هزار 120 رهائشي ملڪيتون، 94 سرڪاري عمارتون تباهه ۽ 71 مسجدون شهيد ٿيون جڏهن ته 253 اسڪولن جون عمارتون تباهه ٿي ويون آهن.
فسلطيني شماريات کاتي موجب، غزا ۾ ست آڪٽوبر کان هن وقت تائين ٽي هزار هڪ سئو سترنهن شاگرد شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته اولهندي ڪناري شهيد شاگردن جو انگ 24 آهي.
اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 130 استاد ۽ تدريسي عملو شهيد ٿيو آهي، ست آڪٽوبر کان غزا جا تمام اسڪول بند آهن، ڇهه لک اٺ هزار شاگرد تعليم کان محروم آهن.
شماريات کاتي موجب، غزا جا 239 سرڪاري ۽ گڏيل قومن جي اسڪولن تي بمباري ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيلي جارحيت سبب 25 سيڪڙو زرعي زمين برباد ٿي چڪي آهي، هڪ اندازي موجب زرعي نقصان جو ڪاٿو 18 ڪروڙ ڊالرز ٿئي ٿو.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج غزا جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا جي دروازن تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته اتي موجود طبي عملي خبردار ڪيو آهي ته تازن ڄاول ٻارن سميت مريضن جي شهادتن ۾ وڌيڪ اضاف جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.