جبري طور گم ڪيلن جي معاملي تي نگران حڪومت جو وڏو قدم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت جبري طور گم ڪيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ اهم قدم کڻي ورتو.
وفاقي ڪابينا نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي، قانون ۽ انصاف واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ٽي رڪني ڪميٽي جي منظوري وفاقي ڪابينا 7 نومبر تي ڏني هئي ۽ قانون واري وزارت جي اختيارين نوٽيفڪيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن موجب گهرو وزير ڪميٽي چيئرمين، قانون ۽ بچاءَ وارو وزير ميمبر هوندا، ڪميٽي جبري گمشدگين جي ڪيسن جو جائزو وٺندي.
ان کانسواءِ ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کان به مدد وٺي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.