دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپس جي فهرست جاري

گذريل ڪجهه ورهين دوران سوشل ميڊيا سموري دنيا ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙي ۽ ان جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي.
هاڻ ورلڊ آف اسٽيٽسٽڪس طرفان ايڪس تي 2022ع ۾ پوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپس جي فهرست جاري ڪئي آهي.
فهرست موجب، 2022ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ڪئي ويندڙ ايپ ٽِڪ ٽاپ رهي.


سڀ کان وڌيڪ مقبول ايپليڪيشنز جي فهرست ۾ ٽِڪ ٽاڪ کانپوءِ انسٽاگرام ٻئي، فيسبوڪ ٽئين، واٽس ايپ چوٿين ۽ ٽيلي گرام پنجين نمبر تي آهي.
ان کانسواءِ ٻارن جي مشهور گيم سان وي سرفرز ڇهين، اسٽمبل گائز ستين، اسپاٽي فاءِ اٺين، شين نائين جڏهن ته ميسنجر ڏهين نمبر تي آهي.
ان فهرست ۾ ايلون مسڪ جو ايڪس( اڳوڻو ٽوئيٽر ) 16 هين نمبر تي رهيو.
عالمي اداري جي هن فهرست مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪورونا وبا کانپوءِ جي اثرن کي 2022ع ۾ محسوس ڪيو ويو ، ڇو ته ان سال بزنس ڪميونيڪيشن ايپس زوم ۽ مائيڪرو سافٽ ويئر ٽيمز کي گهٽ ڊائون لوڊ ڪيو ويو .
ان کانسواءِ تعليمي سرگرمين وارين ايپس به گهٽ ڊائون لوڊ ڪيون ويون ڇو ته اسڪولز ۽ يونيورسٽيون هن سال پنهنجي روايتي تدريسي نظام ڏانهن واپس اچي ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.