ورلڊ ڪپ: ٽورنامينٽ جي بهترين ٽيم ۾ ڪو به پاڪستاني جاءِ نه ٺاهي سگهيو!

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ليگ مرحلو ختم ٿيڻ تي ڪرڪيٽ آسٽريليا ٽورنامينٽ جي بهترين ٽيم جي چوندي ورتي آهي جنهن ۾ ڪو ب پاڪستاني رانديگر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.

ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزلينڊ ورلڊ ڪپ 2023ع جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

ٽورنامينٽ حصو وٺندڙ ڏهن ٽيمن مان ڀارت واحد ٽيم آهي جنهن هنيئر تائين ڪا به ميچ ناهي هارائي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر جو راڄ آهي، ويرات ڪوهلي کي ٽيم جو ڪپتان نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ساڻس گڏ 12 رڪني ٽيم ۾ محمد شامي، جسپريت بمرا ۽ راويندرا جاڙيجا پڻ شامل آهن.

ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان چونڊيل ٽورنامينٽ جي 12 رڪني ٽيم هن ريت آهي

ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ( وڪيٽ ڪيپر بيٽر) ڏکڻ آفريڪا، ڊيوڊ وارنر، آسٽريلياراچند رويندرا، نيوزيلينڊ، ويرات ڪوهلي ( ڪپتان)، ڀارت، ايڊن مارڪرم، ڏکڻ آفريڪا ، گلين ميڪسويل، آسٽريليا، مارڪو جنيسن، ڏکڻ آفريڪا، راويندرا جاڙيجا، ڀارت، محمد شامي،ڀارتا، يڊم زمپا، آسٽريليا، جسپريت بمرا، ڀارت ۽ دلشان مڌوشانڪا سريلنڪا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.