جيلن ۾ قيد دهشتگردن کي ڪنهن جي چوڻ تي ڇڏيو ويو؟ اسحاق ڊار جو سينيٽ ۾ خطاب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي سينيٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، ڪنهن چيو ته جيلن ۾ قيد دهشتگردن کي ڇڏيو وڃي؟
سينيٽ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته گذريل 20 سالن جون حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن، ٻڌايو وڃي ته ڪنهن چيو هو ڪابل وڃي طالبان حڪومت کي انگيج ڪيو؟
هن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي سڄي قوم کي لوڏي ڇڏيو هو، حملي کانپوءِ سڀني گڏجي نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، رات ڏينهن محنت ڪري نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، نيشنل ايڪشن پلان ٺاهڻ ۾ پي ٽي آءِ سميت سڀ جماعتون شامل هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.