ٽن اڳوڻن ڪرڪيٽرن لاءِ وڏو اعزاز، آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) وڌيڪ ٽن ليجنڊ ڪرڪيٽرز کي هال آف فيم ۾ شامل ڪري ورتو.

آءِ سي سي پاران هال آف فيم ۾ وڌيڪ ٽن نون ڪرڪيٽرز کي شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو جن ۾ ارت جي ليجنڊري بيٽر وريندر سهواگ، سريلنڪا جي سپر اسٽار اراوندا ڊيسلوا ۽ ڀارتي وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڊيانا ايڊلجي شامل آهن.

ٽنهي ڪرڪيٽرز کي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ممبئي جي وانکيڙي اسٽڊيم ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ 2023 جي پهرين سيمي فائنل دوران اعزاز سان نوازيو ويندو.

ٽنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرز آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل ڪرڻ تي انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.