سولر پئنل استعمال ڪندڙن لاءِ خاص خبر

جيئن جيئن بجلي جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، ماڻهن جو رجحان سولر پئنل ڏانهن وڌندو پيو وڃي، صورتحال کي ڏسندي سائنسدانن هڪ نئين قسم جو سولر پئنل تيار ڪيو آهي، جيڪو سج جي وڌيڪ روشني کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
برطانوي سائنسدانن سولر پئنل جي نئين قسم کي ”سولر ليف“ جو نالو ڏنو آهي ۽ في الحال اهو تصوراتي مرحلي مان گذري رهيو آهي، جيڪو پَنن سان مشابهت رکي ٿو.
نيچر ڪميونيڪيشنز ۾ شايع هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سولر ليف روايتي سولر پئنل جي ڀيٽ ۾ سج جي وڌيڪ روشني جذب ڪندي واڌو ٿرمل توانائي استعمال ڪري سگهي ٿو.
محققن موجب ان نظام کي نقل ڪرڻ تي ٻڌل سولر ليف پاڻ کي ٿڌو رکڻ ۽ وڌيڪ سج جي روشني جذب ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندو.
محققن جو چوڻ آهي ته نئين ٽيڪنالاجي ٻوٽن جي بخارن جي منتقلي جي نظام کي نظر ۾ رکي ٿي، جنهن ذريعي ٻوٽا پنهنجي پنن مان وڏي مقدار ۾ پاڻي پاڙن ۾ منتقل ڪري پاڻ کي ٿڌو رکندا آهن، ان نئين ٽيڪنالاجي سان سولر ليف کي وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
هڪ عام سولر پئنل جي ڳالهه ڪجي ته ان جي ڪارڪردگي وقت سان گڏ گهٽ ٿي ويندي آهي پر محققن جو چوڻ آهي ته هڪ سولر شيٽ سج جي توانائي جو 13.2 سيڪڙو وڌيڪ گڏ ڪري سگهي ٿي.
ان سولر پئنل جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته اهو پنهنجي اندر ذخيرو ٿيل حرارت کي تازو پاڻي ۽ ٿرمل توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿو.
في الحال اهو سولر پئنل تصوراتي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ واضح ناهي ته حقيقي دنيا ۾ ڪيتري وقت ۾ دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.