ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي شرمناڪ ڪارڪردگي تي چيو آهي ته رانديگرن سان گڏوگڏ انهن ماڻهن کان به پڇاڻو ڪيو وڃي جن کين کيڏايو.
پنهنجي بيان ۾ راشد لطيف چيو ته رڳو رانديگرن کان نه پر کيڏائڻ وارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، اسان ٽيسٽ ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ گهٽ کيڏي تڏهن اسان جي ڌيان جو مرڪز ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ رهي.
پاڪستاني بالرن جي ڪارڪردگي تي سندس چوڻ هو ته تيز بالرن سٺي بالنگ نه ڪئي، ٽيم سٺا اسپنرن هجن ها ته نتيجو مختلف ٿي پئي سگهيو.
ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شپ بابت راشد لطيف چيو ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ جي لائق نه آهي.