لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ اربين رپين جي مبينا ڪڪ بيڪس وصولي جي معاملي ۾ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ نيب موقف اختيار ڪيو ته مونس الاهي گرفتار ناهي ٿيو، نه ئي جاچ ۾ شامل ٿيو، تنهن ڪري کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
احتساب عدالت نيب جي اپيل تي مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سندس ملڪيتن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.
احتساب عدالت ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
You might also like