غزا جي اسپتالن ۾ باهه ۽ رت جي راند نٿا ڏسڻ چاهيون: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا، اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته غزا جي اسپتالن ۾ باهه ۽ رت جي راند نٿا ڏسڻ چاهيون.

وائٽ هائوس ۾ نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان جيڪ سليوان آمريڪي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي چيو ته آمريڪا اسرائيلي فوج تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته غزا جي اسپتالن اندر هٿيارن ذريعي ويڙهه کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سبب عام شهرين جي زندگين کي خطرو آهي.

هن چيو ته اسان اسرائيل کي واضح پيغام پهچايو آهي ته آمريڪا غزا جي اسپتالن ۾ معصوم شهرين ۽ علاج لاءِ موجود مريضن کي گولين جو شڪار بڻجندي نٿا ڏسڻ چاهيون.

آمريڪي ترجمان وڌيڪ چيو ته غزا مان آمريڪي شهرين جي نيڪالي جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.