انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت روڪرائڻ لاءِ آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب، هڪ بيان ۾ رجب طيب اردگان چيو جيستائين واشنگٽن اِهو تسليم نه ٿو ڪري ته غزا فلسطين جو حصو آهي تيستائين ڪو معاهدو نه ٿيندو.
اردگان چيو ته اسنا مصر ۽ نال وارن ملڪن سان ڳالهيون ڪري چاهيون ٿا ۽ آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته آمريڪا کي اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي جڏهن ته اولهه وارن مُلڪن به اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، اِهو اسان لاءِ جنگبندي طرف وڃڻ جو اهم رستو آهي.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته ان معاملي ۾ هڪ انتهائي اهم ملڪ جي آمريڪا سان جڙڻ جي ضرورت آهي جنهن جو اسرائيل ۾ اثر رسوخ آهي.
طيب اردگان آمريڪي صدر جو بائيڊن کي ٽيليفون ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته انٽوني بلنڪن ترڪيه ۾ رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته جو بائيڊن کي ان معاملي ۾ اسان جي ميزباني ڪرڻ گهرجي، اِهو منهنجي لاءِ مناسب نه هوندو ته کيس ٽيلي فون ڪيان.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هر صورت ۾ اِهو تسليم ڪري ته غزا فلسطين جي ڌرتي آهي.