بجلي چوري خلاف مهم، هيل تائين ڪيتريون گرفتاريون ۽ ريڪوري ٿي؟ تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ هيل تائين 25 هزار 142 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا آهن.
سيپٽمبر مهيني ۾ نگران حڪومت ۽ عسڪري قيادت بجلي چوري خلاف مهم شروع ڪئي، جنهن دوران لاڳاپيل ادارن خاطري ڪرائي ته ڪنهن به اعليٰ ۽ طاقتور شخصيت کي نه بخشيو ويندو.
لاڳاپيل ادارن سڀني جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي، ايتري تائين جو پنهنجي ئي عملي کي به گرفتار ڪيو ويو، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو.
بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران آفيسرن ۽ عملي کي بجلي چورن طرفان مافياز ذريعي نقصان پهچايو ويو، کين مارڪٽ ڪئي وئي، يرغمال بڻايو ويو ۽ فائرنگ جا واقعا به سامهون آيا.
آپريشن دوران سڄي ملڪ مان 25 هزار 142 بجلي چور گرفتار ڪيا ويا، جن کان 34 ارب رپيا ريڪور ڪيا ويا، ڪريڪ ڊائون سبب ماهوار نقصان ۾ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جي گهٽتائي ٿي، لاڳاپيل ادارن ۾ موجود 97 سرڪاري ملازمن کي به بجلي چوري جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو، مهم دوران 46 ارب رپين جي بچت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.