نگران وڏي وزير ڪمند جو اگهه 425 رُپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول بار ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه چار سئو پنجويهه رُپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو.

نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ زراعت کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، ناڻي واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، زراعت واري سيڪريٽري اڳجاز شاهه سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين  شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي زراعت واري سيڪريٽري اعجاز شاهه بريفنگ ڏني.

زراعت واري سيڪريٽري وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته زراعت کاتي ۾ ڏهه ڊي جيز ۽ هڪ ڪين ڪمشنر آهي، جڏهن ته کاتي جون اٽڪل 13 ونگز آهن.

نگران وڏي وزير پڇاڻو ڪيو ته ڇا زراعت کاتو چانور، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائي نٿو سگهي؟ پنجاب ۾ چانور ۽ ڪڻڪ جي پيداوار سنڌ کان وڌيڪ آهي.

نگران وڏي وزير زراعت واري سيڪريٽري کي هداي ڪئي ته هو پنهنجي ڊي جيز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي، جيڪي ونگز ڪم ناهن ڪري رهيون، انهن بند ڪريو يا بهتر بڻايو.

وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ ڪمند جي اگهه بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي نگران وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڪابينا ذريعي سرڪيوليشن سمري منظور ڪرائي وڃي.

جسٽس (ر) مقبول باقر چيوته سنڌ حڪومت پهريان ئي ڪڻڪ جي گهٽ ۾ گهٽ قميت چار هزار رُپيا في مڻ مقرر ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.