ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪوريج تي پابندي لڳائڻ وارو پيمرا جو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل بيرسٽر علي طاهر دليل ڏيندي چيو ته پيمرا چيئرمين اڪيلي سر حڪم جاري ڪيو هو.
وڪيل موجب هڪ سياسي جماعت کي نشانو بڻائڻ لاءِ پيمرا بورڊ ۽ ڪائونسل آف ڪمپلين جي ڪورم کي نظرانداز ڪيو ويو، آرڊر پاس ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميمبرن کي ٻڌو به نه ويو.
عدالت دليل ٻڌڻ بعد پيمرا جي حڪمنامي کي معطل ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته نوَ مئي جي واقعن کانپوءِ پيمرا پاران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي هئي.