ٽيهه سيڪنڊن ۾ ڄاڻيو!صحتمند آهيو يا مسئلن جو شڪار؟

انساني جسم بلڪل هڪ مشين جيان ئي آهي جنهن جا سڀ جو سڀ پرزا صحيح نموني ڪم ڪن تڏهن ئي صحتمند زندگي گذاري سگهجي ٿي پر جيڪڏهن ڪو به عضوو صحيح نموني ڪم نه ڪري ته زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي ويندا آهن، جسم جا ڪيترائي عضوا اهڙا آهن جن ۾ ٿورو به نقص ٿي پوي ته ان جي فوري طور تي تڪليف ٿيندي آهي يا وري اهو جلدي ظاهر ٿي پوي ٿو جڏهن ته ڪجهه عضوا اهڙا به آهن جن جو ڪم ڪار خاموشيءَ سان متاثر ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ خرابي جون علامتون ايتريون ته عام هونديون آهن جو ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي ويندو، پر جڏهن انهن جي خرابي جي خبر پوي ٿي ته گهڻي دير ٿي چُڪي هوندي آهي جنهن جي ڪري ماڻهوءَ جي زندگي بچائڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو.اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر گهٽ ۾ گهٽ هر ٻن سالن ۾ جسم جو مڪمل معائنو ڪرائڻ جو مشورو ڏيندا آهن جنهن لاءِ خرچ ته لڳن ٿا پر صحت بابت مڪمل ڄاڻ ملي وڃي، اڄڪلهه گهڻي مصروفيت ۽ مهانگائي واري دور ۾ ڪنهن کي ايترو وقت آهي جو هر ٻن سالن کانپوءِ پنهنجو مڪمل معائنو ڪرائيندو هجي؟ گهٽ ۾ گهٽ هن ملڪ ۾ ته ائين ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.