عالمي فٽبالر ميچ دوران دل جي دوري سبب فوت

گهانا جو عالمي فٽبالر 28 ورهين جو رافيل ڊومينا ميچ دوران دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
گهانا فٽبال ايسوسيئيشن موجب گهانا جي اسٽرائيڪر رافيل ڊومينا کي ڇنڇر ڏينهن البانوي ليگ جي ميچ دوران دل جو دورو پيو.
رافيل ڊومينا ميچ جي 24هين منٽ ۾ ڪِري پيو، جنهن تي ميچ ريفري ۽ ميدان ۾ موجود رانديگر سندس مدد لاءِ پهتا، کيس ايمبولينس ذريعي اسپتال پهچايو ويو پر هو نه بچي سگهيو.
رپورٽن موجب رافيل کي اڳ ئي دل جو مسئلو هو، 2017 ۽ 2021 ۾ به هو ميچ دوران ائين ئي ڪِري پيو هو پر صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ايڪشن ۾ آيو ۽ پنهنجو ڪيريئر جاري رکيائين.
ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ چيو ته اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ رافيل ڊومينا جي خاندان سان گڏ آهيون، هن دل سان گهانا جي نمائندگي ڪئي، اسان سدائين ان کوٽ محسوس ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.