گوگل ڪروم ۾ نئون ۽ بهترين فيچر متعارف

گوگل ڪروم دنيا جو مشهور ترين ويب برائوزر آهي پر اهو ويب سائيٽس کي اوپن ڪرڻ جيلاءِ تمام گهڻي ڪمپيوٽر ميموري يا ريم استعمال ڪري ٿو.

اهڙي نتيجي ۾ گوگل ڪروم استعمال ڪندڙ ماڻهن کي گهڻي قدر ڪمپيوٽر سست ٿيڻ جي شڪايت به ٿيندي آهي يا وري ليپ ٽاپ جي بيٽري لائيف گهٽ ٿي ويندي آهي.

ان حوالي سان ڪمپني تازو ئي ميموري سيور ۽ انرجي سيور جهڙا ڪيترائي ٽولز متعارف ڪرايا آهن

پر هاڻي ڪمپني مشهور ترين ويب برائوزر ۾ هڪ نئين فيچر جي واڌ ڪئي آهي جنهن سان واهپيدارن جي لاءِ اهو ڄاڻن سولو هوندو ته ڪهڙي ويب سائيٽ يا ٽيب سڀ کان وڌيڪ ميموري استعمال ڪري رهي آهي.

ان فيچر کي ميموري يوز ايج جو نالو ڏنو ويو آه.ي

اهڙي فيچر سان واهپيدار پنهنجي ڪمپيوٽر جي ميموري جي مانيٽرنگ سولائيءَ سان ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.