ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز آمد تي ن ليگ وفد ۾ شامل ليگي اڳواڻ جي موبائل فون گم ٿي وئي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز بهادر آباد آمد تي ن ليگ جي اسد عثمان جي موبائل فون گم ٿي.
ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته گم ٿيندڙ موبائل فون اڃا تائين هٿ ناهي آئي.
بهادر آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، نسرين جليل، امين الحق ۽ ٻيا شريڪ هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق، بشير ميمڻ، نهال هاشمي، کيئل داس ڪوهستاني، علي اڪبر گجر ۽ اسد عثماني شامل هئا.
You might also like