آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 مان ٻاهر ٿيڻ باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪروڙين رپيا ملندا.
ڀارت ۾ جاري ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان گروپ اسٽيج جي 9 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽن سان پنجين پوزيشن تي ايونٽ جي پڄاڻي ڪئي.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ مجموعي انعامي رقم 10 ملين ڊالر رکي آهي.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ في ميچ کٽڻ جا 40 هزار ڊالر رکيا آهن، جڏهن ته گروپ مرحلي کان ٻاهر ٿيندڙ ٽيم کي هڪ لک ڊالر ملندا.
ورلڊ ڪپ ۾ گروپ مرحلي ۾ ٻاهر ٿيندڙ پاڪستاني ٽيم کي آءِ سي سي جي ورلڊ ڪپ لاءِ مختص انعامي رقم مان مجموعي طور تي 2 لک 60 هزار ڊالر ملندا.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ جي 9 مان 4 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان کي 4 ميچون کٽڻ تي هڪ لک 60 هزار ڊالر، جڏهن ته گروپ مرحلي جا هڪ لک ڊالر ملندا.
پاڪستان کي 4 ميچن جي ڪاميابي ۽ گروپ مرحلي جا ٽوٽل 7 ڪروڙ 30 لک رپين کان وڌيڪ پئسا ملندا.
واضح رهي ته آءِ سي سي طرفان سيمي فائنل هارائيندڙ ٽيمن کي 8-8 لک ڊالر ملندا، ورلڊ ڪپ جي رنر اپ ٽيم کي 20 لک، جڏهن ته کٽيندڙ ٽيم کي 40 لک ڊالر ملندا.
You might also like