ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هيومين نالي استارٽ اپ ڪمپني طرفان هٿرادو ذهانت تي ٻڌل هڪ پن (ڊيوائيس) لانچ ڪئي وئي آهي جنهن بابت سمجهيو پيو وڃي ته اها دنيا جي سڀ کان جديد شين مان هڪ آهي.
هيومين ايپل جي ٻن اڳوڻن ملازمن عمران چوڌري ۽ سندس زال جي ڪمپني آهي جنهن کي پنج سال اڳ لانچ ڪيو ويو هو.
هيومين اي آءِ پن ۾ فون جا سڀ فيچرز آهن پر ڊيزائن فون کان مختلف آهي.
اوهان هن سان فون ڪري سگهو ٿا، وائيس ڪنٽرول ذريعي دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهوٿا، پيغام به موڪلي سگهو ٿا.
هن ڊيوائيس جو گهڻو ڪري ڪم چيت تي آهي اوهان سڀ ڪجهه ڳالهائي ڪري سگهو ٿا پر هن سان ليزر ڊسپلي به آهي جيڪو هٿ تي پاڇي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
هٿ جي آڱرين سان اشارن ذريعي اوهان ڊيوائس کي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
هن ڊيوائيس جو شروعاتي اگهه 699 ڊالر آهي ۽ سبسڪرپشن في 24 ڊالرز هوندي.
هن جا آردر 16 نومبر کان شروع ٿي ويندا.