ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غزه جي صورتحال جي حوالي سان اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) ۽ عرب ليگ جو گڏيل اجلاس اسلامي ملڪن جي اڳواڻن جي مذمت تائين محدود رهيو ۽ وڏا وڏا بيان ڏيڻ باوجود سمورا اسلامي ملڪ ڪنهن فيصلي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا.
اجلاس ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو ته هو بمباري فوري طور بند ڪري ۽ غزه ۾ ڦاٿل فلسطينين تائين امداد پهچائڻ لاءِ محفوظ رستا فراهم ڪري، پر سمورن ملڪن اسرائيل خلاف ڪنهن به معاشي يا سياسي ڪارروائي بابت فيصلي کان پاسو ڪيو.
ان کان اڳ عرب ليگ جي اجلاس ۾ سمورا ملڪ ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگهيا، جنهن سبب اسلامي سهڪار تنظيم ۽ عرب ليگ جو گڏيل اجلاس سڏايو ويو هو.
اجلاس ۾ الجزائر ۽ لبنان سميت ڪجهه ملڪن اسرائيل جي وحشي بمباري جي جواب ۾ اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي تيل جي فراهمي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني.
ان کان علاوه انهن ٻنهي ملڪن اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ وارن عرب ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيل سان اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪن.
گهٽ ۾ گهٽ ٽن ملڪن، يو اي اي ۽ بحرين، 2020 ۾ اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪيا، انهن اها تجويز کي رد ڪري ڇڏي آهي.
انهن ملڪن تجويز جي مخالفت ڪئي ۽ نيتن ياهو حڪومت سان ڳالهين جا وڌيڪ رستا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
غزه مان جاري ڪيل بيان ۾ حماس اجلاس جي شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو اسرائيلي جنگي ڏوهن تي اسرائيلي سفيرن کي پنهنجن ملڪن مان نيڪالي ڏين ۽ غزه جي پٽي لاءِ الڳ فنڊ قائم ڪن.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تل ابيب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عرب قيادت تي زور ڏنو ته هو حماس خلاف اٿي کڙو ٿئي ڇو ته حماس غزه جي پٽي ۾ خون وهايو آهي.
ان گڏيل اجلاس جي خاص ڳالهه اها هئي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ان ۾ شرڪت لاءِ رياض پهتو ۽ اهڙي طرح هو 2012ع کانپوءِ سعودي عرب جي سرزمين تي قدم رکڻ وارو پهريون ايراني صدر بڻجي ويو.
ان کان اڳ 2012ع ۾ ان وقت جي ايراني صدر احمدي نژاد اسلامي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جو دورو ڪيو هو.
اجلاس کي خطاب کان علاوه ابراهيم رئيسي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان به ملاقات ڪئي.