غزا (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي ۽ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين طبي عملي جا 192 ڄڻا به شهيد ٿي ويا آهن.
صحت جي عالمي اداري موجب طبي عملي جا 16 ڄڻا ڊيوٽي دوران شهيد ٿيا.
ان کانسواءِ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جا 101 ڄڻا، فلسطيني شهري دفاع جا 18 اهلڪار به حياتيون وڃائي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين 44 فلسطيني صحافي به شهيد ٿي چڪا آهن.
You might also like