”سڄو ڏوهه منهنجو آ“ شاداب خان خراب ڪارڪردگي جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان شاداب خان ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.
انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ ڪلڪتي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاداب خان چيو ته مون کي ورلڊ ڪپ ۾ پرفارم ڪرڻ گهرجي ها، سمجهان ٿو ته منهنجي پرفارم نه ڪرڻ سبب ٽيم اتي پهتي، مان اميدن تي پورو نه لهڻ تي مايوس آهيان.
هن چيو ڪرڪيٽ مان ئي سبق سکيو آهي ته سدائين بهتر ٿيڻو آهي، هر ٽورنامينٽ ۾ کٽڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ورلڊ ڪپ ۾ اهڙي طريقي سان ٻاهر ٿيڻ تي سڀ مايوس آهيون، جيڪڏهن مان بالر طور پرفارم ڪيان ها ته نتيجو مختلف هجي ها، منهنجو پرفارم ڪرڻ تمام ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان ٽنهي شعبن ۾ ناڪام رهياسين، خاص طور تي بالر پرفارم نه ڪري سگهيا، بيٽنگ ۾ به اسان کي ماڊرن ڪرڪيٽ موجب کيڏڻ گهرجي، ذميوار رڳو ڪپتان کي قرار نه ڏيڻ گهرجي، اسان سڀ ذميوار آهيون، کٽڻ يا هارائڻ ۾ سڀني جو ڪردار هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.